اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف پا??ستان پوسٽ آفيس جي درخواست رد ڪندي سروس رهتن مان ضابطي جي خلاف ڪٽيل 5 لک رپين جي پينشن جي رقم رٽائرڊ ملازم کي واپس ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ص??ر پاڪستان پوسٽ آفيس کي سروس رهتن مان ضابطي جي خلاف ڪاٽيل 5 لک رپين کان وڌيڪ جي پينشن جي رقم مارچ 2020ع تي رٽائرڊ ٿيندڙ ملازم کي واپس ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ ان کي اداري پاران بي ضابطي قرار ڏنو آهي. صدر وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف پا??ستان پوسٽ آفيس جي درخواست رد ڪري ڇ??ي جنهن ۾ وفاقي محتسب پا??ستان پوسٽ کي شڪايت ڪندڙ کي 45 ڏينهن ۾ ڪاٽيل پينشن بقايا ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي. ص??ر پنهنجي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو آهي ته پينشنر جي محنت سان ڪمايل آمدني آئين جي آرٽيڪل 9 تحت ان جو بنيادي حق آهي، قانون کان مٿانهون پينشنر کي رقم جي هڪ حصي کان به محروم نه ٿو رکي سگهجي، پينشن ايڪٽ 1871ع تحت پينشن کي ضبط يا قرق نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته پا??ستان پوسٽ شڪايت ڪندڙ جي پينشن رهتن مان 5 لک 2 هزار 272 رپين جي رقم بنا جواز وصول ڪئي. تفصيل موجب شڪايت ڪندڙ وفاقي محتسب ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته پا??ستان پوسٽ آفيس جي سروس رهتن مان غيرمنصفاڻي طور تي 5 لک 2 هزار 272 رپين جي ڪٽوتي ڪئي آهي. وفاقي محتسب اپريل 2021ع ۾ ڏنل فيصلي ۾ پا??ستان پوسٽ کي شڪايت ڪندڙ کي 45 ڏينهن ۾ ريليف فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي. پا??ستان پوسٽ فيصلي تي عملدرآمد بدران صدر وٽ محتسب جي فيصلي جي خلاف درخواست داخل ڪري ڇ??ي. ص??ر پنهنجي فيصلي ۾ وفاقي محتسب جي فيصلي کي برقرار رکيو، حڪم جي 30 ڏينهن منافعي جي شرح سان رقم واپس ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.