اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) انفارميشن سروس اڪيڊمي (آءِ اي?? اي) ??ي اهتمام هيٺ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي اي?? ڊي پي) 23 – 2022ع تحت اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ ان جي ذيلي ادارن جي ملازمن جي لا??ِ صلاحيت ۾ اضافي جي پروگرام جي شروعات ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ خاص طور تي ريڊيو پاڪستان (پي بي سي) جي آفيسرن جي لا??ِ پراجيڪٽ مانيٽرنگ اينڊ ايويليوايشن سسٽم (پي ايم اي اي??) بابت هڪ ڏينهن وارو ورڪشاپ ۽ ”آءِ ٽي ڊيجيٽل ميڊيا ۽ ماس ڪميونيڪشن“ ۾ هڪ هفتي جو تربيتي ڪورس منعقد ڪيو ويو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سي??ري??ري شاهيره شاهد افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ميڊيا مئنيجمينٽ ۽ ڊيجيٽل ۽ سوشل ميڊيا ۽ تشهير جي لا??ِ آءِ ٽي ??ي استعمال سميت ميڊيا سان لاڳاپيل شعبن ۾ پنهنجي آفيسرن جي صلاحيت ۾ اضافي کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿي. هن چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ترقياتي منصوبن جي تياري ۽ ان تي عملدرآمد جي حوالي سان آفيسرن ۾ بنيادي ڄاڻ پيدا ڪرڻ جي پڻ خواهشمند آهي. هن انفارميشن سروس اڪيڊمي ??ي اهتمام هيٺ پي اي?? ڊي پي 23 – 2022ع منصوبي تحت صلاحيت ۾ اضافي جي پروگرام جاري ڪرڻ کي خوش آئنده قرار ڏنو. هن آءِ اي?? اي جي حصيداري سان هڪ ڏينهن وارو پي ايم اي اي?? ورڪشاپ منعقد ڪرڻ جي لا??ِ پراجيڪٽس ونگ، منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وزارت خاص طور تي ڊي جي (ايم آئي اي??) عمران لياقت بيگ کي ساراهيو. ان کان اڳ ڊي اي?? (سي اينڊ ڊي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت محمد عثمان ڊار خصوصي ورڪشاپ جي مقصدن اتي روشني وڌي جنهن کانپوءِ منصوبابندي ۽ ترقي واري وزارت جي ماهر خضر حيات صابري ترقياتي منصوبن جي مختلف رخن، انهن جي نگراني ۽ ان جي ڇنڊڇاڻ جي طريقن تي تفصيلي روشني وڌي. عمران لياقت بيگ ۽ خضر حيات صابري اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي مختلف کاتن ??ي اٽڪل 30 شرڪت ڪندڙن جي سوالن جا جواب پڻ ڏنا. اطلاعات ۽ نشريات واري سي??ري??ري شاهيره شاهد هڪ ڏينهن واري ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ سووينيئر ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ ورهايا. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وزارت جي سينيئر آفيسرن پڻ تقريب ۾ شرڪت ڪئي.