اسلام آباد – 07 – جون (اي ??ي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان مئنيجمينٽ ڪميٽي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين نجم سي??ي ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان ۾ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جي بحالي لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي قدمن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ نجم سي??ي وزيراعظم کي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي مختلف معاملن تي بريفنگ ڏني. نجم سي??ي وزيراعظم کي پاڪستان ۾ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جي بحالي لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي قدمن کان آگاهه ڪيو. ان م??قع?? تي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي عالمي ٽورنامينٽس ۾ شموليت تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ايندڙ ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ جي حوالي سان پن مشاورت ٿي. ان م??قع?? تي ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال پڻ موجود هئا.