اسلام آباد – 24 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم ج?? اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته عمرا?? خان ڪرپشن ۽ ڪرپٽ عنصرن سان ڪڏهن به ڪو ٺاهه نه ڪيو نه اڳتي ڪندو، ڪرپشن ڪنگز ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ کي پنهنجا گناهه لڪائڻ جي لاءِ ڍال طور استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، عوام ج?? خلاف ڪرپشن جو گناهه انهن پنهنجي دور ۾ ڪيو آهي، اهڙين حرڪتن سان لڪڻ وا??ا نه آهن، ملڪ مان ڪرپشن ۽ بدعنواني جو خاتمو وزيراعظم عمرا?? خان جو نصب العين آهي، عمرا?? خان جي قيادت ۾ موجوده حڪومت احتساب جي ايجنڊا کڻي آئي، ان عوامي ايجنڊا کي هر صورت ۾ پورو ڪيو ويندو. پارل??ام??نٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته جنهن ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ جي حوالي سان ميڊيا، اخبارن، سول سوسائٽي ۽ عوام ۾ هڪ بحث هلي رهيو آهي، ضروري آهي ته ان جي پنهنجي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو وڃي.