پشاور – 28 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي عوام تي صحت ۽ صفائي جو خصوصي خيال رکڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڪرونا جو پکڙجڻ افسوسناڪ ??ور??حال آهي، هيستائين 51 ملڪ ڪرونا وائرس جو شڪار ٿي چڪا آهن، پاڪستان ۾ به ان جي پکڙجڻ جو خدشو آهي پر اسان کي خوفزده هجڻ بدران حفاظتي تدبيرن اختيار ڪرڻ گهرجن، هٿ ڌوئڻ وقت صابڻ جو استعمال يقيني بڻايون. اهڙن خيالن جو اظهار هن گيسٽرالوجي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.