اسلام آباد – 19 مارچ (اي پي پي) ڪرونا وائرس جي وبا کي من??ن ڏيڻ لاءِ سموريون صوبائي حڪومتون ۽ پاڪستاني فوج ڏينهن رات محنت سان ڪم ڪري رهي آهي، وزيراعظم عمران خان ڪرونا وائرس جي صورتحال جي نگراني ڪري رهيو آهي، قومي ڪوششن جي سپورٽ ۾ ميڊيڪل ايڪشن پلان بڻايو آهي، ٽنهي هٿياربند فوج جي ميڊيڪل سهولتن کي هر طرح سان تيار ??يو ويو آهي. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشر??ات بابت خاص مددگار ??اڪٽر فردوس عاشق اعواڻ، هٿياربند فوج جو ترجمان ميجر ج??رل بابر افتخار ۽ وزيراعظم جو صحت بابت خاص مددگار ??اڪٽر ظفر مرزا گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيا هئا.