اسلام آباد – 23 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ماڻهو گهرن ۾ نماز ادا ڪن ۽ ڪوويڊ – 19 با??ت احتياطي تدبيرون اختيار ڪن، جيڪڏهن صورتحال وڌيڪ خراب ٿئي ٿي يا عالمن سان معاهدي تحت هدايتن تي عمل نٿو ٿئي ته نماز ۽ تراويح جي باري ۾ فيصلي تي حڪومت نظرثاني ڪندي. پنهنجي هڪ بيان ۾ صدر چيو ته عالم س??ورن سان معاهدي جي پهرين 17 نڪتا نماز ۽ تراويح جي دوران حفا??تي قدمن کي اجاگر ڪن ٿا، انهن اح??ياطي تدبيرن تي پوري دنيا ۾ اتفاق راءِ آهي، هن چيو ته انهن اح??ياطي تدبيرن تي عملدرآمد امام مسجد، مسجد ڪميٽين، ضلعي انتظاميه ۽ صوبائي حڪومت جي گڏيل ذميداري آهي.