اسلام آباد – 14 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده غيرمعمولي صورتحال ۾ لاڪ ڊائون کان وڌيڪ بک ۽ بدحالي خطرناڪ آهي، لاڪ ڊائون ڪورونا جو علاج نه عارضي قدم آهي، جيستائين معيشت بحال نه ٿي ٿئي غريب ۽ لاچار طبقي جون مشڪلاتون وڌنديون، ڪورونا جي روڪٿام ۽ حفاظتي تدبيرن جي ح??الي سان ??اع??ن ۽ ضابطن تي عملدرآمد ڪرڻو پوندو، احتياطي تدبيرن بابت عوام ۾ شعور اجاگر ڪرڻ گهرجي، پوليس عوام تي سختي بدران دوستاڻو رويو اختيار ڪري، لاڪ ڊائون جي ح??الي سان حڪومتي پاليسي بلڪل واضح آهي، عوام جي زندگين کي غيرضروري خطري ۾ وجهڻ کانسواءِ هر ان شعبي ۾ سهولت ڏني ويندي ??نه?? سان عوام ۽ خاص طور تي غريب ۽ سفيد پوش ما??هن جو ڪاروبار واڳيل آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪوويڊ 19 جي صورتحال جي ح??الي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.