اسلام آباد – 06 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزي?? سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته فنڪارن کي انهن جي ڪم جي رائلٽي ملڻ انهن جو حق آهي، ڪاپي رائيٽس جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ عملي قدم کڻنداسين، فلم ٽاسڪ فورس جو قيام جلد کان جلد عمل ۾ آندو ??يندو جنهن ۾ حڪومتي عهديدارن سان گڏوگڏ فلم انڊسٽري سان لاڳاپيل نالن کي به شامل ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظ??ار هن فلمي صنعت سان لاڳاپيل فنڪارن ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين سان وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ ڪيو.