ڪراچي – 05 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ جي ت??قي ۾ ڪاروباري طبقي جو ڪردار اهميت رکندڙ آهي ۽ ان کي سمورين سهولتن جي فراهمي حڪومت جو فرض آهي، ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ ا??ان جي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، وزيراعظم اها ڳالهه ڪراچي ۾ واپاري ۽ ڪاروباري طبقي جي وفد ??ان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ مصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، ميري ٽائيم افيئر وارو وفاقي وزير علي زيدي، وفاقي وزير ??يص?? واوڊا، سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، ناڻي وارو صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ ۽ اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر رضا باقر به موجود هئا. وفد ۾ آصف اڪرام، نجيب بلگموالا، اعظم فاروق، بشير علي محمد ، ??يص?? مقبول شيخ، طارق شفيع ۽ محمد علي تابا شامل هئا. وفد وزيراعظم کي ڪووڊ – 19 جي وبا جي حوالي ??ان ڪامياب حڪمت عملي تي مبارڪباد ڏني ۽ ڪاروباري طبقي کي ??راعتون فراهم ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو، وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪاروباري طبقو ملڪ جي ت??قي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي ۽ حڪومت جو فرض آهي ته انهن کي سموريون سهولتون فراهم ڪري، ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ ا??ان جي حڪومت جي اولين ترجيح آهي.