اسلام آباد – 21 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي وزيرن سيني??ر شبلي فراز، شاهه محمود قريشي، اسد عمر، چو??ري فواد حسين چيو آهي ته مخاف ڌر اي پي سي ۾ فوج، عدليه، اليڪشن ڪميشن، نيب سميت سمورن رياستي ادارن کي نشانو بڻايو، ڇا رياستي ادارن ۽ چونڊ عمل کي تڪراري بڻائي ملڪ ۽ جمهوريت جي ڪهڙي خدمت ڪئي پئي وڃي، هڪ جمهوري حڪومت جي خلاف سمورا مفاد پرست گڏ ٿي ويا آهن، نواز شري?? جي تقرير تي ڀارتي ميڊيا تمام گهڻي خوشي ملهائي، ڀارت جي سمورين ??ڏين اخبارن ۾ نواز شري?? جي هيڊ لائين آهي ته ”نواز شريف فوج تي حملو ڪري ڇڏيو“، وزيراعظم عمران خان پنهنجي واضح موقف تي قائم آهي ته ڪنهن کي اين آر او ناهي ڏيڻو. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير سيني??ر شبلي فراز، پرڏيهي و??ير شاهه محمود قريشي، منصوبابندي واري وفاقي و??ير اسد عمر، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير چو??ري فواد حسين ??ي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.