اسلام آباد – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بئنڪنگ شعبي تي زور ڏنو آهي ته صارفين کي سهولتون فراهم ڪرڻ، انهن جي مسئلن ۽ شڪايتن ??ي ازالي لاءِ وڌيڪ موثر قدمن کنيا وڃن، بئنڪنگ محتسب صارفين کي مفت ۽ فوري شڪايتن ??ي ازالي جي سهولت فراهم ڪري رهيو آهي، بئنڪنگ محتسب جي ڪم ۽ ڪارڪردگي بابت آگاهي پيد?? ڪرڻ جي ضرورت آهي، بئنڪاري نظام تي صارفين جي اعتماد ۽ ڊجيٽل بئنڪنگ سان معيشت کي دستاويزي بڻائڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار ه?? بئنڪنگ محتسب جي اهتمام هيٺ هڪ سيمينار جنهن جو عنوان ”بئنڪنگ محتسب تڪرارن جي حل جو متبادل فورم“ کي خطاب ڪندي ڪيو.