سيالڪوٽ – پهرين مئي (اي پي پي) غربت جي چڪي ۾ پيسجندڙ غريب پورهيت عورتن تي ظلم ۽ ستم ۽ انهن جي ٿيندڙ معاشي استحصال کي ختم ڪرڻ جي لاءِ وزيراعظم عمران خان اڄ گهريلو سطح تي ۽ انڊسٽري ۾ ڪم ڪندڙ پورهيت عورتن جي حقن جي بالادستي عملي طور تي يقيني بڻائڻ لاءِ احساس مزدور پروگرام جو آغاز ڪري رهيو آهي ج??هن سان مزدور عورتن جا ڪيترائي معاشي مسئلا حل ٿي ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان تحريڪ ان??اف جي ??رڪ??ي اڳواڻ اطلاعات واري صلاحڪار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ موضع ڪوبي چڪ ۾ عورتن جي عظيم الشان ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان تحريڪ ان??اف جي حڪومت وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ عورتن جي سوشل ??يڪيورٽي ايمپلائيز اولڊ ايج بينيفٽ هڪ مزدور جي حيثيت سان حاصل ٿيندڙ حق ۽ بنا وياج جي قرض ۽ گهڻو ڪجهه عملي طور تي فراهم ڪرڻ واري آهي.