اسلام آباد – 31 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ف??دوس عاق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جو احساس ڪفالت ڪارڊ جاري ڪرڻ، رياست جي ماءُ هجڻ جي سوچ تحت هڪ ٻيو قدم آهي، احساس ڪفالت پروگرا?? فلاحي رياست طرف اڳڀرائي آهي، جنهن تحت اٽڪل 70 لک غريب عورتن کي 2 هزار رپيا ماهوار وظيفو ڏنو ويندو.