اسلام آباد – 23 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ڪرونا وائرس جي ڪري ملڪي معيشت تي امڪاني اثرن ۽ عوام کي رليف ڏيڻ جي قدمن جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ڪرونا وائرس جي حوالي سان مجموعي ملڪي معاشي ص??رتحال جو جائزو، وبائي ص??رتحال جي نتيجي ۾ معيشت تي اثرن ۽ عوام خاص طور تي غريب ۽ گهٽ آمدني وارن طبقن کي ان صورتحال ۾ ??ڪو??ت پاران رليف ڏيڻ جي حوالي سان ممڪن آپشنز ۽ تجويزن تي تفصيلي غور ڪيو ويو.