اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي سماجي تحفظ ۽ غربت گهٽايو بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ث??نيه نشتر چيو آهي ته احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام تحت هنگامي طور تي رقم جي ورهاست دوران ڪورونا کان بچاءُ لاءِ سخت حفاظتي قدم کنيا ويا آهن، پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ادائيگي مرڪزن تي ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد ??يو پيو وڃي، ادائيگين جي مرڪزن تي ان سلسلي ۾ سينيٽائيزر رکيا ويا آهن جڏهن ته معذور ۽ بزرگ ما??هن لاءِ به خصوصي قدم کنيا ويا آهن، ڪجهه مرڪزن تي اسپري وارا واڪ ٿرو گيٽس به لڳايا ويا آهن ۽ معذور ما??هن وٽ وڃي انهن جي بايوميٽرڪ ڪئي پئي وڃي.