اسلام آباد – 06 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نش??يا?? واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ڪورونا جي صورتحال جي حوالي سان عوام کي مڪمل باخبر رک??و، اين سي او سي ۾ جيترا به فيصلا ٿيا ان ۾ سموريون ڌريون شريڪ هيون، ڪجهه پا??ٽيون ان معاملي تي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ڪري رهيون آهن، ??ڪومت ڪورونا کي ڪاميابي سان منهن ڏئي رهي آهي، پيپلزپارٽي کي اها ڳالهه هضم نه ٿي رهي آهي. هو مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات ۽ نش??يا?? واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته پاڪستان ۾ ڪورونا جو ڦهلاءُ اڃا به ڪاٿن کان گهٽ آهي. هن چيو ته اين سي او سي جي اجلاس ۾ سنڌ جو وڏو وزير سمورن فيصلن سان اتفاق ڪري ٿو پر ڪراچي پهچي سنڌ جو وڏو وزير سمورن فيصلن کان انڪاري ٿي وڃي ٿو. هن سياسي پا??ٽين تي زور ڏنو آهي ته اهي ذميواري جو مظاهرو ڪن ۽ ڪورونا وائرس جي عالمي وبا جي غيرمعمولي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ الزام هڻڻ کان پا??و ڪن.