وزيراعظم سان خيبرپختونخواهه جي صوبائي ڪابينا جي ميمبرن جي ملاقات

image

پشاور – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان خيبرپختونخواهه جي صوبائي ڪابينا جي ميمبرن پشاور ۾ ملاقات ڪئي، ان موقعي تي خيبرپختونخواهه جو گورنر ۽ وڏو وزير پڻ موجود هئا. وزيراعظم وڏي وزير ۽ ڪابينا کي پوري خيبرپختونخواهه ۾ هيلٿ ڪارڊز جاري ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني. وڏي وزير ٻڌايو ته هر مهيني سمورين وزارتن جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو وڃي ٿو.

مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔