اسلام آباد ?? 05 ??ارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفا??ي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب سياحت جي شعبي کي ترقي ڏني پئي وڃي ته جيئن ملڪ ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿي سگهن، پيراگلائيڊنگ ۾ نوجوانن جي دلچسپي وڌي رهي آهي، ان نوعيت جي سرگرمين سان نه رڳو راندين کي فروغ ملندو پر سياحت جي شعبي ۾ به ترقي ٿيندي. هو ٽن ڏينهن واري سياحتي ۽ فيملي ميلي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. منصوبابندي، ترقي،سڌارن ۽ خصوصي قدمن وارو وفا??ي وزير اسد عمر، توانائي وارو وفا??ي وزير عمر ايوب، هوابازي وارو وفا??ي وزير غلام سرور خان، وزيراعظم جو خصوصي صلاحڪار ذوالفقار بخاري، بين الصوبائي رابطن ۽ راندين واري وفا??ي وزير فهميده مرزا کانسواءِ ملڪ جي مختلف حصن مان سياحت ۽ راندين جي شعبي سان لاڳاپيل مشهور شخصيتن جو وڏو تعداد تقريب ۾ شريڪ هو. وفا??ي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته نجي شعبي ان تقريب جو انعقاد ڪيو آهي، جڏهن ته حڪومت انهن جي مدد ڪئي آهي جنهن جو مقصد مقامي رهواسين کي صح??مند تفريحي سهولتون فراهم ڪرڻ آهي. هن چيو ته پيراگلائيڊنگ مهانگي راند نه هئي، ان ۾ نوجوانن جي وڌندڙ تعداد اسان لاءِ حوصلي وارو آهي. هن چيو ته ان ميلي ۾ پاڪستان ۽ ٻاهرين ملڪ جا نمائندا شريڪ ٿيا.