اسلام آباد – 07 آگسٽ (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص ق??من واري وفاقي وزير اس?? عمر چيو آهي ته 50 سال يا ان کان وڏي عمر جي ماڻهن ??ي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جي شرح 33 سيڪڙو ٿي وئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن ??يو ته 4 هفتا اڳ 50 سال کان وڏي عمر جي 21 سيڪڙو پاڪستانين ڪورونا ويڪسين جي هڪ خوراڪ لڳرائي هئي ۽ هاڻي اها شرح وڌي 33 سيڪڙو ٿي وئي آهي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته 50 سال يا ان کان وڏي عمر جي ماڻهن جو ڪورونا وائرس کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيڻ جو خطرو آهي، مهرباني ڪري خاص طور تي ان عمر جي ماڻهن ??ي ويڪسين لڳرائڻ جي ترغيب ڏيو.