اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته 14 آگسٽ تي انهي عزم کي ورجائڻو آهي ته اسان مظلوم ڪ??ميرين ۽ فلسطينن سان گڏ بيٺل آهيون، عمران خان مديني جي رياست جي اصول کي اڳتي وڌائي رهيو آهي، ملڪ ۾ عدل ۽ انصاف ۽ طاقتور کي قانون جي تابع ڏسي رهيا آهيون،ميڊيا جي ترق?? لاءِ پا??ستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي (پي ايم ڊي اي) تي سمورين لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت جاري آهي، پي ايم ڊي اي حقيقي معنيِٰ ۾ ميڊيا جي ترق?? لاءِ آهي، 90 لک اوورسيز پا??ستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، اوورسيز پا??ستانين هڪ سال دوران ساڍا 29 ارب ڊالر مٽاسٽا جو ناڻو پا??ستان موڪليو. هو جمعي ڏينهن نيشنل پريس ڪلب ۾ ملي نغمو جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو، ملي نغمو جرمن پريس ڪلب ۽ ڪي ٽو گروپ آف پبليڪيشنز جي سهڪار سان تيار ڪيو ويو آهي. تقريب کي خطاب ڪندي مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اڄ جو پروگرام اهميت رکندڙ آهي، 90 لک اوورسيز پا??ستاني عملي طور تي ملڪ کان پري آهن پر انهن جي دل پا??ستان سان گڏ ڌڙڪي ٿي، اوورسيز پا??ستاني قدرتي آفتن سميت هر مشڪل ۾ پا??ستانين جو ساٿ ڏنو. هن چيو ته اوورسيز پا??ستاني هڪ سال جي دوران 29 بلين ڊالر مٽاسٽا جو ناڻو پا??ستان موڪليو. آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي جي مناسبت سان ان تقريب جي ذريعي اوورسيز پا??ستانين کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا ان سان گڏوگڏ اسان اوورسيز پا??ستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ وڃي رهيا آهيون، سپريم ڪورٽ جو به فيصلو آهي، اوورسيز پا??ستانين کي قومي ڌارا ۾ آڻي کين جمهوري عمل جو حصو بڻائڻ وڃي رهيا آهيون، هن چيو ته محرم الحرام جي احترام ۾ آزادي جي ڏهاڙي جون تقريبون سادگي سان ملهائي رهيا آهيون، ملڪ جي ڪمزور طبقن جو سهارو رياست بڻجي رهي آهي، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين کي مشڪلاتون درپيش آهن، مودي آر ايس ايس نظريي تحت والاريل ڪشمير کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل بڻائي ڇڏيو آهي، 14 آگسٽ تي انهي عزم کي ورجائڻو آهي ته اسان مظلوم ڪ??ميرين ۽ فلسطينن سان گڏ بيٺل آهيون. هن چيو ته عمران خان مديني جي رياست جي اصولن کي اڳتي وڌائي رهيو آهي، ملڪ ۾ عدل، انصاف ۽ طاقتور کي قانون جي تابع ڏسي رهيا آهيون، هن چيو ته رياست جي چوٿين ٿنڀ ۽ ميڊيا ورڪرز جي بهتر?? لاءِ ??م ڪري رهيا آهيون، صحافين کي ڪامياب جوان پروگرام ۾ شامل ڪري رهيا آهيون، ان سان صحافين کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ جو موقعو ملندو، پا??ستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي تي ??م ڪري رهيا آهيون، صحافين، مالڪن، ايڊيٽرز سميت هر اسٽيڪ هولڊر کي اعتماد ۾ وٺي رهيا هيون، ميڊيا ڪمپلينٽ ڪائونسل ٺاهي رهيا آهيون، صحافتي تنظيمن کي به ان جو حصو بڻائينداسين، ان کان اڳ راولپنڊي آرٽس ڪائونسل ۾ آزادي جي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ اسلامي خطاطي نمائش جي افتتاح کانپوءِ تقريب کي خطاب ڪندي مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ايراني سفارتخاني ۽ راولپنڊي آرٽس ڪائونسل جي سهڪار سان اسلامي خطاطي جي نمائش جي انعقاد تي منتظمين کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، هن چيو ته خطاطن جي ڪوششن کي پا??ستان سان گڏوگڏ سڄي دنيا ۾ مسلمان امت تائين پهچائڻ گهرجي، حڪومت آرٽس ڪائونسل، خطاطن ۽ منصفين جي خدمتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي ۽ آئنده به اهڙو ئي تعاون جاري رهندو. هن چيو ته اڄ اسان جنهن آزاد ملڪ ۾ آزادي سان ساهه کڻي رهيا آهيون ان لاءِ اسان جي بزرگن بي پناهه قربانيون ڏنيون آهن، ملڪ جو بنياد عدل ۽ انصاف تي قائم آهي، وزيراعظم عمران خان به مديني جهڙي رياست لاءِ ڪوشان آهي، پنهنجي ڪمزور طبقن کي مٿي کڻڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن جنهن ۾ انصاف ڪارڊ، احساس پروگرام، ڪمزور نوجوانن کي روزگار جي فراهم?? لاءِ بنا وياج جي قرض شامل آهن، ملڪي آبادي جو 60 سيڪڙو تقريبن 12 ڪروڙ نوجوانن آهن، پڙهي لکيل، هنرمند ۽ بهترين آئيڊياز رکندڙ نوجوانن لاءِ ڪيتريون ئي اسڪيمون متعارف ڪرايون ويون آهن، هن چيو ته پيرهيل ۽ بي سهارا طبقن لاءِ احساس پروگرام کي وڌائي 260 ارب ڪيو ويو آهي ته جيئن هر مستحق تائين امداد پهچي سگهي، اعليٰ تعليم جا خواهشمند 4 لک نوجوانن کي اسڪالرشپ فراهم ڪ??ي رهيا آهن، گهٽ آمدني وارن گهرن لاءِ 110 ارب جون درخواستون آيون آهن جنهن مان 50 ارب جا قرض منظور ٿي چڪا آهن، اهڙي طرح ننڍن آبادگارن کي هر فصل لاءِ ڏيڍ لک ماليت جا بنا وياج جي قرض ڏنا پيا وڃن، هن چيو ته ان جشن آزادي تي اسان کي وچن ڪرڻو آهي ته ملڪي سالميت، ترقي ۽ قومي جهنڊي جي سربلند?? لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻيون آهن، هن چيو ته وڻ پوکڻ به صدقه جاري آهي، عمران خان موسمياتي تبديلي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيو آهي، 10 ارب وڻ به انهي جو حصو آهن، هڪ منٽ ۾ 50 هزار ٻوٽا پوکي شاگردن ورلڊ رڪارڊ قائم ڪ??ي ڇڏيو آهي.