اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آ??ي ته پ??امن، محفوظ ۽ مستحڪم اف??انستان پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ اهميت رکندڙ آهي، پاڪستان اف??انستان جي معاشي بهتري، انساني ريليف ۽ مدد جي لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکندو. هو قطر ??ي ڊپٽي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان آلثاني سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو، ملاقات دوران اف??انستان جي ترقي ۽ پاڪستان ۽ قطر ??ي مختلف شعبن ۾ لاڳاپن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ان موقعي تي قطر ??ي امير لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته پ??ڪستان اف??انستان تڪرار جي ڪري مشڪلاتن جو شڪار رهيو آ??ي، هڪ پرامن، محفوظ ۽ مستحڪم اف??انستان پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ اهم آهي. اف??انستان جي بدلجندڙ صورتحال جي حوالي سان وزيراعظم زور ڏنو ته سيڪيورٽي جي صورتحال ۾ استحڪام انساني بحران جي روڪٿام ۽ معيشت جي مضبوطي انتهائي اهم آهي. هن چيو ته پ??ڪستان اف??انستان جي امداد انساني ريليف ۽ معاشي بهتري جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آ??ي ۽ ڪندو رهندو. وزيراعظم عالمي برادري کي چيو ته اها اف??انستان جي عوام سان يڪجهتي جي لاءِ اٿي بيهي ۽ اف??انستان ۾ پائيدار امن، استحڪام ۽ معاشڊي ترقي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي ۽ مثبت ڳالهيون ڪري. وزيراعظم اف??ان امن عمل ۾ قطر ??ي ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم ٻطرفن لاڳاپن جي ڏس ۾ قطر ??ان گڏيل مفاد جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي خواهش کي ورجايو. هن واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ عوامي سطح تي رابطن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ان موقعي تي قطر ??ي ڊپٽي وزيراعظم علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي اهم ڪردار ۽ ڪوششن کي ساراهيو. هن ٻطرفن ۽ علائقائي معاملن تي پاڪستان سان پنهنجو ويجهو رابطو بر??را?? رکڻ جو عزم ڪيو.