اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي ??لامتي ڪميٽي هڪ خودمختيار، مستحڪم ۽ پرامن افغانستان جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي عالمي ??رادري تي زور ڏنو آهي ته هو افغانستان ۾ انساني بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ م??د ڪري جڏهن ته وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته افغانستان بابت ڪيل ڪو??شن کي هم آهنگ ڪرڻ لاءِ خصوصي سيل قائم ڪيو وڃي. قومي ??لامتي ڪميٽي جو 34 هون اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ افغانستان جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ وفاقي ڪابينا جي لاڳاپيل ميمبرن، سمورن سروسز چيفس ۽ انٽيليجنس ادارن جي سربراهن شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي علائقائي سلامتي جي صورتحال خاص طور تي افغانستان ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ ان جا پاڪستان تي امڪاني اثرن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، قومي ??لامتي ڪميٽي هڪ خودمختيار پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڪميٽي جي شرڪت ڪندڙن افغانستان ۾ خراب انساني صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عالمي ??رادري انساني بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ م??د ڪري، اجلاس جي دوران افغانستان جي عبوري حڪومت سان تعميري، سياسي ۽ اقتصادي ڳالهه ٻولهه جي حوالي سان عالمي ??ابطن جي اهميت تي روشني وڌي وئي. وزيراعظم عمران خان افغانستان مان عالمي ??نخلا جي ڪو??شن ۾ پاڪستان جي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته پوري دنيا پاڪستان جي ان مثبت تعاون جو اعتراف ڪيو آهي. ڪميٽي جي ميمبرن خطي جي بدلجندڙ صورتحال کي انتهائي پيچيده قرار ڏيندي چيو ته افغانستان ۾ ڪنهن به قسم جي عدم استحڪام جا پاڪستان تي به شديد اثر پئجي سگهن ٿا. ان نقطه نظر سان اتفاق ڪندي وزيراعظم ان ڏس ۾ جامع پاليسي ڪو??شن جي ضرورت تي زور ڏنو، هن هدايت ڪئي ته انساني امداد جي فراهمي ۽ پاڪستان ۾ ڪنهن قسم جي منفي اثرن کي روڪڻ ۽ موثر بارڊر مينيجمينٽ لاءِ هڪ مخصوص سيل بڻايو وڃي ته جيئن افغانستان ۾ مختلف ڪو??شن کي هم آهگ ڪري سگهجي.