اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي سلامتي ??مي??ي فيصلو ڪيو آهي ته ٽي ايل پي سان صرف آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهندي ڳالهيون ڪيون و??ند??ون، قانون ٽوڙڻ تي وڌيڪ ڪابه رعايت نه ڏني و??ند?? نه ئي ناجائز مطالبا تسليم ڪيا ويندا جڏهن ته وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ ۽ رياست جي حڪمراني کي قائم رکڻ لاءِ سمورا قدم يقيني بڻايا وڃن، ڪنهن به گروپ کي امن ??ما?? جي صورتحال خراب ڪرڻ ۽ حڪومت تي دٻاءُ وجهڻ جي اجازت نه ڏني و??ند??.
وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ??مي??ي جو 35 هون اجلاس هتي وزيراعظم هائوس ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزيرن، قومي سلامتي جي صلاحڪار، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ??مي??ي، ٽنهي هٿياربند فوجن جي سرراهن، ڊي جي آءِ ايس آءِ، آءِ بي ۽ ايف آءِ اي ۽ سينئر سول ۽ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي. ??مي??ي جي اجلاس کي ملڪي اندروني صورتحال ۽ ٽي ايل پي جي احتجاج جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم عمران خان اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ڪنهن به گروپ يا عنصر کي امن ??ما?? جي صورتحال بگاڙڻ ۽ حڪومت تي دٻاءُ وجهڻ جي اجازت نه ڏني و??ند??. ??مي??ي جي اجلاس ۾ ٽي ايل پي جي احتجاج دوران جان ۽ مال کي نقصان پهچائڻ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. قومي سلامتي ??مي??ي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته قانون جي عملداري ۾ خلل وجهڻ جي وڌيڪ ڪا به رعايت نه ڏني و??ند??. ??مي??ي پوليس جي پيشيوراڻي ڪارڪردگي ۽ تحمل کي خراج تحسين پيش ڪيو جنهن جا 4 اهلڪار شهيد ۽ 400 کان وڌيڪ زخمي ٿيا، ??مي??ي ورجاءُ ڪيو ته تحمل جو مطلب هر گ?? ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، پوليس کي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ دفاع جو حق حاصل آهي، رياست پرامن احتجاج جي حق کي تسليم ڪري ٿي تنهن هوندي به ٽي ايل پي ڄاڻي واڻي ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ لاءِ سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن کي نقصان پهچايو ۽ رياستي عملدارن ۽ عام شهرين کي تشدد جو نشانو بڻايو، اهو رويو قبول نه آهي،
??مي??ي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته رياست آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي ڳالهيون ڪندي ۽ ڪنهن قسم جي غير آئيني ۽ ناجائز مطالبا تسليم نه ڪندي. وزيراعظم ۽ قومي سلامتي ??مي??ي ميمبرن امن ??ما?? جي صورتحال برقرار رکڻ جي دوران پوليس اهلڪارن جي شهادت تي تعزيت ڪندي چيو ته شهيد اهلڪارن جي وارثن کي معاوضو ۽ انهن جي ڪفالت يقيني بڻائي و??ند??. وزيراعظم عمران خان چيو ته حڪومت پوري طرح قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي پٺيان بيٺل آهي ڇو ته اهي قانون جي حڪمراني قائم ڪرن ۽ عوام جو تحفظ ڪن ٿا. ??مي??ي قرار ڏنو ته ڪنهن به گذريل حڪومت يا وزيراعظم ناموس رسالت صه ﷺ جي تحفظ ۽ اسلامو فوبيا جي تدارڪ لاءِ اندروني ۽ عالمي سطح تي ايترو ڪم ناهي ڪيو جيترو هن حڪومت ڪيو، حڪومت ڪاميابي سان ان ايشوز کي گڏيل قومن، او آءِ سي، يورپي يونين ۽ ٻين عالمي فورمن تي اجاگر ڪيو. رحمت اللعالمين اٿارٽي جي قيام جو بنيادي مقصد به اسلام جي خلاف منفي پروپيگنڊا کي رد ڪرڻ آهي. ??مي??ي ٽي ايل پي پاران ناموس رسالت ﷺ جي غلط ۽ گمراهه ڪندڙ استعمال جي سخت مذمت ڪئي جنهن جي ڪري فرقيواريت کي هوا ملندي آهي ۽ ملڪ دشمن عنصر فائدو کڻندا آهن. اربين مسلمان حضرت محمد ﷺ جي پاڪ ذات سان محبت ڪن ٿا ۽ عقيدت رکن ٿا تنهن هوندي به ڪنهن به ٻي اسلامي رياست ۾ ملڪيتن ۽ عوام کي نقصان نه پهچايو ويو. ٽي ايل پي جي ڪري سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو منفي تاثر ويو آهي.
??مي??ي جي اجلاس ۾ چيو ويو ته ٽي ايل پي ماضي ۾ به ڪيترائي ڀيرا پُرتشدد احتجاج جو رستو اختيار ڪيو ۽ هر ڀيري غير حقيقي مطالبا ڪيا جنهن جو مقصد صرف پنهنجي سياسي طاقت ۾ اضافو ڪرڻ هو، ٽي ايل پي جي قدمن سان ملڪي معيشت کي شديد نقصان پهتو ۽ رياست جي حڪمراني کي چئلينج ڪيو ويو ۽ امن ??ما?? ۾ خلل پيدا ٿيو. ان کانسواءِ ٽي ايل پي جي قدمن سان رياست جي رٽ کي چئلينج ڪرڻ جي خواهشمند ٻين دهشتگرد گروپن جو مورال بلند ٿيو. قومي سلامتي ??مي??ي متفقه طور تي ان عزم کي ورجايو ته رياست جي خودمختياري کي هر قسم جي اندروني ۽ ٻاهرين خطرن کان محفوظ رکيو و??ند??. ??مي??ي فيصلو ڪيو ته ٽي ايل پي سان صرف آئين ۽ قانون جي دائري ڪار ۾ رهندڙ ڳالهيون ڪيون و??ند??ون. ٽي ايل پي کي قانون ٽوڙڻ تي وڌيڪ ڪا به رعايت نه ڏني و??ند?? ۽ نه ئي ڪنهن قسم جا ناجائز مطالبا تسليم ڪيا ويندا. رياست جي حڪمراني کي چئلينج ڪرڻ جي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نه ڏني و??ند??. وزيراعظم هدايت ڪئي ته عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ ۽ رياست جي حڪمراني کي قائم رکڻ لاءِ سمورا قدم يقيني بڻايا وڃن.