پشاور – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پنهنجي افغان ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي، عالم?? برادري درست تجزيو ڪري افغانستان جي مسئلي جو حل ڪڍڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. افغانستا?? لاءِ امدادي سامان جي حوالگي جي حوالي سان گورنر هائوس پشاور ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته افغانستان سان اسان جو تمام گهڻو مضبوط رشتو آهي، ه?? وقت افغانستان هڪ مشڪل دور مان گذري رهيو آهي ا?? لاءِ عالم?? برادري ان مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته پارليامينٽ ?? پاڪ افغان دوستي گروپ گهڻو موثر ڪم ڪري رهيو آهي. افغانستان جي عوام سان تمام گهڻا پراڻا لاڳاپا آهن. اسان سدائين پنهنجي افغاني ڀائرن سان گڏ بيٺل رهيا آهيون اسان جي خواهش آهي ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام هجي. پاڪستان ۽ هتي جي عوام افغانستان جي ترقي چاهي ٿي. پاڪستان جي سرندي وارن ماڻهن کان افغان عوام جي امداد لاءِ اڳتي اچڻ جي درخواست ڪريان ٿو. عالم?? برادري افغان مسئلي جو درست تجزيو ڪري عوام جي مدد ڪري. پاڪستاني عوام ۽ حڪومت پنهنجي افغان ڀائرن سان گڏ آهي.