اسلام آب??د – 10 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته معاملن تي مفاد حاوي ٿي چڪا آهن جڏهن ته دنيا کي هن وقت انسانيت لاءِ اخلاقيات تي ٻڌل عالمي نظام جي ضرورت آهي، مصنوعي ذهانت ۽ اخلاقيات تي ذاتي مفادن کي ترجيح ڏيڻ جي دور ۾ دنيا کي ايٽمي هٿيارن کان به وڌيڪ وڏا خطرا درپيش آهن. هو انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽيڊيز اسلام آب??د جي اهتمام هيٺ ٻن ڏينهن واري اسلام آب??د ڪانڪليو 2021ع جي پڄاڻي واري اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. صدر ??ريب ملڪن مان مني لانڊرنگ جي ذريعي سرمائي جي امير ملڪن ڏانهن منتقلي جو ذڪر ڪندي چيو انهن مسئل?? جي حل لاءِ اخلاقيات تي ٻڌل نئون عالمي نظام وقت جي ضرورت آهي، هن ٿنڪ ٽينڪس جي ڪردار جي واکاڻ ڪندي چيو ته حڪومت ۽ ٿنڪ ٽينڪس جي وچ ۾ فاصلو آهي ڇو ته پارليامينٽ جا ميمبر ۽ حڪومتي ميمبر ڪڏهن ڪڏهن تحقيقي مواد جو مطالعو ڪندا آهن. هن چيو ته ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل جنگ کانپوءِ يورپ تڪرار?? جي خاتمي تي اتفاق ڪيو پر ا?? جي ابتڙ ٻين خطن ۾ اهو سلسلو جاري رهيو جنهن جو مثال عراق ۽ افغانستان جون جنگيون آهن، دنيا کي قوم?? جي وچ ۾ هٿيار?? جي مسلسل ڊور جو ذڪر ڪندي صدر چيو ته ا?? جي بدران دنيا کي غربت ۾ گهٽتائي جي لاءِ پنهنجي عزم کي ظاهر ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن تي بدقسمتي سان ڌيان نه ڏنيون پيون وڃن، ا?? جي بدران، اي?? جي اوز ۽ بل گيٽس جهڙن عظيم ماڻهو ان خال کي ڀرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، صدر ??ڄي دنيا زور تي هو انهن روين تي نظرثاني ڪري ڇو ته خدشو آهي ته نئين قسم جي جنگ انسانيت لاءِ تباهي آڻيندڙ هوندي. صدر ??ارف علوي ٿنڪ ٽينڪ جي باري ۾ شرڪت ڪندڙن کي پنهنجي دلچسپي سان آگاهه ڪندي چيو ته انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽيڊيز اسلام آب??د جهڙا ادارا پنهنجي حقيقي ڪم?? جي ذريعي طريقي تجويز ڪري دنيا کي موجوده صورتحال مان ڪڍڻ ۾ مدد ڪر?? سگهون ٿا.