ڏکڻ پنجاب سان لاڳاپيل سمُورن معاملن تي اڳڀرائي جي ذاتي طور تي مستقل نگراني ڪندس: وزيراعظم عمران خان

image
APP40-040122 ISLAMABAD: January 04 – Federal Minister for Industries and Production Makhdoom Khusro Bakhtiyar called on Prime Minister Imran Khan. APP

اسلام آباد – 04 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڏکڻ پنجاب سان لاڳاپيل سمورن معاملن تي اڳڀرائي جي ذاتي طور تي مستقل نگراني ڪندس. اهڙن خيالن جو اظهار هن صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پي ٽي آءِ جي علائقائي تنظيمي ڍانچي ۽ ڏکڻ پنجاب جي ترقي بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ڏکڻ پنجاب ۾ پي ٽي آءِ کي مضبوط ۽ فعال بڻائڻ جي هدايت ڪئي. هن علائقي جي ماڻهن کي سهولتن جي يقيني بڻائڻ جي لاءِ جاري ترقياتي منصوبن خاص طور تي ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. وزيراعظم ان عزم جو اظهار ڪيو ته هو ذاتي طور تي ڏکڻ پنجاب بابت معاملن تي اڳڀرائي جي مستقل بينادن تي نگراني ڪندو.

مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا