اسلام آباد – 10 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان پارٽي اڳواڻن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي سڄي ملڪ ۾ پارٽي جي تنظيمي ڍانچي کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ م??ثر قدم کڻن ۽ بلدياتي چونڊن ۾ ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪارڪنن کي متحرڪ ڪن. وزيراعظم عمران ??ان ??ان منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير ۽ پاڪستان ??حريڪ انصاف جي جنرل سيڪريٽري اسد عمر ملاقات ڪئي جنهن ۾ سڄي ملڪ ۾ پارٽي جي تنظيمي ڍانچي کي مضبوط ۽ فعال بڻائڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ?? پي ٽي آءِ خيبرپختونخواهه جو صدر ۽ دفاع وارو وزير پرويز خٽڪ، پي ٽي آءِ پنجاب جو صدر ۽ تعليم وارو وفاقي وزير شفقت محمود، پي ٽي آءِ ڏکڻ پنجاب جو صدر ۽ صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، پي ٽي آءِ سنڌ جو صدر ۽ سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي، پي ٽي آءِ بلوچستان ??و صدر ۽ قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان ??وري ۽ پي ٽي آءِ جو ايڊيشنل سيڪريٽري عامر محمود ڪياني پڻ موج??د هئا. وزيراعظم سمورن پارٽي اڳواڻن کي هدايت ڪئي ته اهي سڄي ملڪ ۾ پارٽي جي تنظيمي ڍانچي کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ م??ثر قدم کڻن. هن مختلف صوبن، علائقن ۾ ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ ڪاميابي کي يقيني بنائڻ جي لاءِ ڪارڪنن کي م??ثر انداز ۾ متحرڪ ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.