اسلام آباد – 13 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪت?? وزير فرخ حبيب چيو آهي ته 1967ع ۾ تربيلا ڊيم کانپوءِ وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ 10 وڏا ڊيم ٺاهي رهيو آهي جنهن ??ان سستي بجلي جي پيدا??ار ممڪن ٿ??ندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪت?? وزير فرخ حبيب چيو ته انهن منصوبن سان پن بجلي جي پيدا??ار 9500 ميگاواٽ مان 20800 ميگاواٽ ٿي ويندي. هن چيو ته سڀاڻي انشاءَ الله واپڊا جي اهتمام هيٺ آسٽريليا، سوئيٽزرلينڊ، آمريڪا، ترڪيءَ ۽ چائنا سميت ڊيمز جي ماهرن جي عالمي ڪانفرنس ٿيندي.