اسلام آباد – 13 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته افغان عوام کي خوراڪ جو بحران ۽ غذائي کوٽ درپيش آهي، اتي تمام وڏو انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو، ا??غانستان جا اڪائونٽس منجمند ڪرڻ سان افغان عوام سخت متاثر ٿي رهي آهي، سنڪيانگ ۾ صو??تحال اهڙي نه آهي جيتري اولهه ميڊيا پيش ڪري رهي آهي، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ معصوم ماڻهن جي نسل ڪشيءَ ڪري رهيو آهي، آمريڪا جي دهشتگردي خلاف جنگ سان سڄي دنيا ۾ دهشتگردن جي انگ ۾ اضافو ٿيو، ا?? جنگ ۾ پاڪستان 80 هزار جانين جي قرباني ڏ??ي. ??مريڪي ٽي وي سي اين اين کي خصوصي انٽرويو ۾ هن هڪ سوال جي جواب م چيو ته آمريڪا کي سمجهڻ گهرجي طالبان حڪومت کي پسند نه ڪرڻ جدا شيءَ آهي پر اهو اٽڪل 4 ڪروڙ افغان عوام جي بقاءَ جو سوال آهي جن مان اڌ انتهائي خطرناڪ صو??تحال ۾ ورتل آهن، ا??هن کي خوراڪ جو بحران ۽ غذائي کوٽ درپيش آهي، ا??غانستان جي سرديءَ تمام ظالم ۽ بي رحم آهي، ا??ندڙ ڪجهه مهينن جي حوالي سان افغان عوام جي لاءِ هر ڪو فڪرمند آهي، اتي تمام وڏو انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو، ا??ا صو??تحال پيدا ٿي چڪي آهي. وزيراعظم چيو ته ان کانسواءِ ڪو رستو نه آه?? ته طالبان حڪومت سان گڏجي ڪم ڪيو وڃي ۽ انهن سان انساني حقن خاص طور تي عورتن جي حقن ۽ شموليتي حڪومت جي مطالبن تي ??الهه ڪئي وڃي، پابنديون لڳائڻ ۽ اڪائونٽس منجمند ڪرڻ سان انساني الميو جنم وٺندو ۽ افغانستان افراتفري جو شڪار ٿيندو، ا??غان پناهگيرن جو سيلاب اچي سگهي ٿو، پاڪستان ۾ اڳ ئي 30 لک افغان پناهگير آهن، ا??غانستان ۾ امن دنيا ۽ پاڪستان جي مفاد ۾ آهي. وزيراعظم چيو ته آمريڪا جي دهشتگردي جي خلاف جنگ سان سڄي دنيا ۾ دهشتگردن جي انگ ۾ اضافو ٿيو، آمريڪي جنگ دوران وسيع پئماني تي جاني نقصان ٿيو، پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ 80 هزار جانين جي قرباني ڏئي چڪو آهي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته آمريڪا کي ڊرون حملن جي پاليسي تي نظرثاني ڪرڻي پوندي، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان ۾ خودڪش حملن جو سيلاب آيو. سنڪيانگ جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته ڀارت ۾ آر ايس ايس نظريي جي حڪمراني آهي، والاريل ڪشمير ۽ سنڪيانگ جي معاملي جو تقابلي جائزو ئي غلط آهي، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ معصوم ماڻهن جي نسل ڪشيءَ ڪري رهيو آهي، والاريل ڪشمير پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ هڪ مڃيل تڪراري علائقو آهي، دنيا ان تڪرار کي تسليم ڪري ٿي. هن چيو ته اسان سنڪيانگ جي صو??تحال ڄاڻڻ جي لاءِ پنهنجي سفير معين الحق کي سنڪيانگ موڪليو، ا?? موجب صو??تحال اهڙي نه آهي جهڙي تصوير ڪشيءَ اولهه ميڊيا ڪري رهي آهي.