اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??يو آهي ته پاڪستان عالمي سطح تي ڪنهن گروپ جو حصو نه آهي، پاڪستان روس سان بهترين ۽ سمورن ملڪن سان واپار?? لاڳاپن جو خواهشمند آهي، اسان چاهيون ٿا ته يوڪرين جو مسئلو پرامن طريقي سان حل ٿئي، طاقت جي بدران ڳالهين سان مسئلن کي حل ڪرڻ جو قائل رهيو آهيان، پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ اصل مسئلو ڪشمير جو آهي، اسرندڙ ملڪن جو پئسو واپس ڪرڻ ج?? لاءِ ترقي يافته ملڪن کي ڪو قانون ٺاهڻ گهرجي. دولت جي غيرمنصفاڻي ورڇ ۽ من?? لانڊرنگ تمام وڏو چئلينج آهي، جيستائين توهان پنهنجي غلطين مان ن?? ٿا سکو اڳتي ن?? ٿا ??ڌي سگهو. اهڙن خيالن جو اظهار هن روسي ٽي وي آر ٽي کي ڏنل انٽرويو ۾ ڪيو. وزيراعظم عمران خان ??يو ته انسان سدائين خدا جي ڳولا ۾ رهي ٿو، ٻين انسانن جي بهتر?? لاءِ سوچڻ اسان جي ذميواري آهي، انسان کي ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن. هن ??يو ته ماحولياتي آلودگي هڪ تمام وڏو چئلينج آهي، ان جي ڪري دنيا متاثر ٿي رهي آهي، پاڪستان ماحولياتي آلودگي کي منهن ڏيڻ ج?? لاءِ قدم کڻي رهيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم ??يو ته دولت جي غيرمنصفاڻي ورڇ ۽ من?? لانڊرنگ تمام وڏو چئلينج آهي، حڪمرانن جي ڪرپشن ۽ پئسي جي منتقلي سان اسرندڙ ملڪن کي وڌيڪ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، حڪمرانن جي ڪرپشن سان ادارا تباهه ٿي وڃن ٿا. هن ??يو ته من?? لانڊرنگ ۽ غيرمنصفاڻي ورڇ سان غربت ۾ اضافو ٿئي ٿو، ملڪ جو پئسو ٻاهر منتقل ڪرڻ تباهي جي برابر آهي. هن زور ڏنو ته ان سلسلي ۾ اسرندڙ ملڪن جو پئسو واپس ڪرڻ ج?? لاءِ ترقي يافته ملڪن کي ڪو قانون ٺاهڻ گهرجي. هن ??يو ته ماضي ۾ سرد جنگ پوري دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو هو، جڏهن ته پاڪستان عالمي سطح تي ڪنهن گروپ جو حصو نه آهي، البته هن ??يو ته ماضي ۾ پاڪستان آمريڪي گروپ جو حصو هو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته اسان سمورن ملڪن سان واپار?? لاڳاپا چاهيون ٿا، افغان پناهگيرن کي پاڪستان پناهه ڏني، ٻاهرئين امداد هڪ لعنت آهي، ان ج?? لاءِ ملڪن کي غلط فيصلا ڪرڻا پون ٿا، جيستائين توهان پنهنجي غلطين مان ن?? ٿا سکو اڳتي ن?? ٿا ??ڌي سگهو. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم ??يو ته ڪورونا جي ڪري پوري دنيا جي معيشت کي جهٽڪو لڳو آهي. وزيراعظم عمران خان ??يو ته اسان چاهيون ٿا ته يوڪرين جو مسئلو پرامن طريقي سان حل ٿئي، آئون طاقت بدران ڳالهين سان مسئلن کي حل ڪرڻ جو قائل رهيو آهيان. پنهنجي روس جي دوري جي ڏس ۾ وزيراعظم ??يو ته پاڪستان روس سان بهترين لاڳاپن جو خواهشمند آهي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ ??يو ته ڀارت پنهنجي ماڻهن کي غربت مان ٻاهر ڪڍڻ ج?? لاءِ قدم کڻي، پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ اصل مسئلو ڪشمير جو آهي، جڏهن اقتدار سنڀاليو ته ڀارت کي ڳالهين جي دعوت ڏني، ڀارت ۾ فاشسٽ نظريا رکندڙ پارٽي جي حڪومت آهي. هن ??يو ته اسان چاهيون ٿا ته ايران مٿان پابنديون ختم ٿي وڃن، غربت جي خاتم?? لاءِ اسان کي چين کان سکڻو پوندو، ٻين انسانن جي بهتر?? لاءِ سوچڻ اسان جي ذميواري آهي.