اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عالمي سطح تي وڌندڙ قيمتن جي اثرن کي عام ماڻهو تائين پهچڻ کان روڪڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومت ڪورونا وبا دوران پيدا ٿيندڙ مهانگائي جي عالمي بحران ۾ عوامي ريليف کي يقيني بڻايو. هن اهڙن خيالن جو اظهار ملڪي اق??صادي صورتحال ۽ عالمي سطح تي ??رورت جي شين جي وڌندڙ قيمتن بابت اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي تازي روس جي دوري ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن تي ??ڳڀرائي تي ??فصيلي غور فڪر ڪيو ويو، اجلاس م وفاقي وزيرن شوڪت ??يا?? ترين، چوڌري فواد حسين، اسد عمر، مخدوم خسرو بختيار، حماد اظهر ۽ خاص معاون ثانيه نشتر شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته اسرندڙ ملڪ عالمي سطح تي وڌندڙ قيمتن سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن. حڪومت ڪورونا جي دوران پيدا ٿيندڙ مهانگائي جي عالمي بحران ۾ عوامي ريليف کي اولين ترجيح ڏني. وزيراعظم چيو ته عالمي سطح تي وڌندڙ قيمتن جي اثرن کي عام ماڻهو تائين پهچڻ کان روڪڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. اجلاس کي ملڪي مجموعي اق??صادي صورتحال تي ??ريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته تازي ڇڪتاڻ جي صورتحال جي ڪري عالمي سطح تي ??يل جون قيمتون 100 ڊالر في بيرل کان وڌي ويون آهن جڏهن ته گئس جي قيمتن ۾ پڻ ٽي کان پنجوڻ تي ??ضافو ٿيو آهي. ان سان گڏوگڏ کاڌي پيتي ??ي شين خاص طور تي پام آئل (کاڄرو تيل) جي قيمتن ۾ پڻ اضافو ٿيو آهي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي احساس پروگرام جي مختلف اسڪيمن ۽ عوامي ريليف جي لاءِ انهن ۾ وڌيڪ بهت??ي جي لاءِ قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو ويو.