اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آه?? ته ٽيڪنالاجي ۾ جدت جي ڏس ۾ او آءِ سي جو آفيشل اينٿم ”هم مصطفوي“ کي ٻيهر رڪارڊ ڪيو ويو آهي، ان تراني جي ڌُن ۽ ٿهيم پراڻي آهي، جميل الدين حالي جو لکيل اهو تر??نو قرآن ڪريم سان ماخوذ آهي ۽ ان ۾ خوبصورت زبان ۽ تاريخ کي پيش ڪرڻ جي ڪوش?? ڪئي وئي آهي. اها ڳالهه هن او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي آفيشل گاني جي لانچنگ تقريب کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته تراني جو ٿهيم ”الله جي رسيءَ کي مضبوطي سان پڪڙي رکو ۽ فرقي ۾ نه پئو“ آهي. هن چيو ته تمام گهٽ ماڻهو ڄاڻين ٿا ته هي تر??نو او آءِ سي جو آفيشل تر??نو آهي، 1974ع ۾ هڪ قرارداد جي ذريعي ”هم مصطفوي“ کي او آءِ سي جو آفيشل اينٿم ڊڪليئر ڪيو ويو هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته تر??نو اردو زبان ۾ آهي پر ان ۾ عربي، فارسي جو ٿهيم به موجود آهي، 1974ع ۾ او آءِ سي ڪانفرنس ۾ پهريون ??يرو اهو تر??نو پيش ڪيو ويو. هن چيو ته تراني جو ميوزڪ ويسٽرن ڪلاسڪ ۽ اهو تر??نو يونيورسل زبان ۾ آهي جنهن ۾ خوبصورت زبان ۽ تاريخ کي پيش ڪرڻ جي ڪوش?? ڪئي وئي آهي. هن چيو ته اطلاعات واري وزارت ڪوش?? ڪئي آه?? ته تراني جي اصل شڪل کي برقرار رکيو وڃي.