اسلام آباد – پهرين – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته بلدياتي چونڊن ۾ خيبرپختونخوا جي غيرت مند عوام جي ووٽ سان وزيراعظم عمران خان ڪلين سوئيپ ڪري ڇڏيو آهي، فرخ حبيب پنهنج?? ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو آهي ته انهن نتيجن جي شڪل ۾ ٻاهري?? طاقتن جي مير جعفر ۽ م??ر صادق کي عوامي عدم اعتماد کان پهرين نتيجو ملي ويو آهي. مملڪتي وزير چيو ته ميڊيا انهن نتيجن کي هلائي ۽ ٻڌائي ته چورن ج?? ٽولي جو عوام ان جي مضبوط علائقن ۾ صفايو ڪري ڇڏيو آهي.