مڪه مڪرمه – 30 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف اسان اسلامي تعاون (او آءِ سي) جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحهٰ ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي حڪومت جي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته مسلمان امت جي مفادن جو فروغ پاڪستان جي پرڏيه?? پاليسي جو بنيادي ٿنڀ آهي. هن چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي موجوده چيئرمين جي حيثيت سان پاڪستان او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي دلچسپي ۽ ان جي ڳڻتي بابت معاملن ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم ڄمون ۽ ڪش??ير تڪرار تي او آءِ سي جي صاف ۽ مسلسل حمايت تي او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جو ٿورو ادا ڪيو. هن تنظيم تي زور ڏن?? ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪش??يري عوام جي امنگن موجب ڄمون ۽ ڪش??ير تڪرار جي پرامن ۽ پائيدار حل لاءِ سفارتي ڪوششن جي قيادت ڪري. وزيراعظم شهباز شريف او آءِ سي کي چيو ته مسجد اقصيٰ ۽ ٻين والاريل فلسطيني علائقن ۾ جاري اسرائيلي جارحيت کي روڪرائڻ لاءِ جامع ڪوششون ڪيون وڃن، هن زور ڏن?? ته اسرائيل کي مقدس ۽ مبارڪ مسجد اقصيٰ کي مختلف عقيدا رکندڙ ماڻهن جي وچ ۾ عارضي يا مقامي طور تي ورهائڻ جي اجازت نه ڏن?? وڃي. وزيراعظم افغانستان جي عوام لاءِ فوري انساني مدد جي فراهمي جي ضرورت تي زور ڏن??.هن زور ڏن?? ته عالمي سطح تي اسلامو فوبيا جي وڌندڙ م??ئل?? کي منهن ڏيڻ لاءِ او آءِ سي کي پنهنجون ڪوششون تيز ڪرڻ گهرجن. وزيراعظم شهباز شريف سيڪريٽري جنرل ک?? پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏن?? جنهن کي سيڪريٽري جنرل قبول ڪري ورتو. سيڪريٽري جنرل وزيراعظم شهباز شريف کي منصب عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد پيش ڪندي او آءِ سي جي باني ميمبر جي طور ت?? پاڪستان جي فعال ۽ اهم ڪردار کي اجاگر ڪيو. سيڪريٽري جنرل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪش??ير تڪرار جي پرامن ۽ منصفاڻي حل لاءِ او آءِ سي جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن مسلمان امت کي درپيش اهم م??ئل?? خاص طور تي فلسطين، افغانستان ۽ اسلامو فوبيا ت?? پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.