اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) اسلام آباد ۾ سانوڻي جي قومي سطح تي تياري بابت ڪانفرنس منعقد ڪئي. ڪانفرنس جو مقصد ماحولياتي تبديلين ۽ تازي گرمي جي سخت لهر کي موثر انداز ۾ منهن ڏيڻ جي لاءِ وفاقي، صوبائي ۽ ٻين سمورين لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن جي تياري جو جائزو وٺڻ سان گڏوگڏ سمورن ادارن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ گڏيل تعاون کي بهتر بڻائڻ هو. ڪانفرنس جي صدارت اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽ??نن?? جنرل اختر نواز ڪئي. ڪانفرنس ۾ صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز کانسواءِ وفاقي ۽ صوبائي ادارن جي ??عل??ٰ عهديدارن سميت هٿياربند فوج، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي، فيڊرل فلڊ ڪميشن، واپڊا، آبپاشي کاتي، ريلوي، اسپارڪو، ايف ڊبليو او، موسمياتي کاتي، گڏيل قومن جي ايجنسيز ۽ انساني امداد جي فلاحي ادارن/ تنظيمن جي نمائندن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اين ڊي ايم اي پاران سال 2022ع جو ساليانو سانوڻي پلان پڻ جاري ڪيو ويو. ڪانفرنس ۾ ڳالهائيندي اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ماحولياتي تبديلين جي پاڪستان تي اثرن ۽ پاڪستان جي مختلف قدرتي آفتن خاص طور تي ٻوڏ ۽ ڪنهن به اڻوڻندڙ آفت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وقت سر قدمن ۽ مختلف ڌرين جي تياري ۽ گڏيل رابطي کي انساني ۽ مالي نقصانن کان بچڻ جي لا??ِ لازمي قرار ڏنو. اين ڊي ايم اي چيئرمين اڳواٽ ۽ وقت سر هنگامي اطلاع جي نظام، عام ماڻهن تائين معلومات جي پهچ ۽ آگاهي، معاشرتي سطح تي متحرڪ ٿيڻ ۽ ادارن جي وقت سر ريسپانس تي زور ڏنو. اين ڊي ايم اي چيئرمين جو چوڻ هو ته اسان کي موسمياتي تبديلين ۽ انهن جي منفي اثرن کي پڻ نظر ۾ رکڻو آهي جيڪي خطي ۾ شديد گرمي جي لهر ۽ ??رف??ني ڇپن جو پگهرجڻ اوچتو ٻوڏ جو سبب بڻجي رهيا آهن. سانوڻي پلان جي حوالي سان ڳالهائيندي اين ڊي ايم اي چيئرمين آفتن کي منهن ڏيڻ جي نظام کي وڌيڪ موثر ۽ فعال بڻائڻ ۽ وقت سر الرٽ جاري ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ڪانفرنس ۾ شريڪ مختلف ادارن جي نمائندن محڪماڻي تيارين جي حوالي سان آگاهه ڪيو ۽ ڪنهن به اڻوڻندڙ صورتحال ۾ عوام جي جاني ۽ مالي نقصان کان بچاءُ جي لاءِ وقت سر قدم کڻڻ جي عزم ک?? ورجايو.