اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير ??لاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي اڳ ۾ ئي پاڪست??ني سفارتخانو زائرين سان مڪمل رابطي ۾ آهي، اٽڪل 300 زائرين شام ۾ ڦاٿل آهن، سمورن پاڪستانين جي وطن و??پسي جي لاءِ انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، پاڪست??ني سفارتخانو ۽ پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائينز (پي آءِ اي) عملدار به مڪمل رابطي ۾ آهن. شام ۾ فضائي آپريشن معطل ٿيڻ کانپوءِ ڦاٿل پاڪستانين جي وطن و??پسي جي حوالي سان ميڊيا جي سوالن جي جواب ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته (سڀاڻي) سومر 13 جون 2022ع تي 160 ماڻهو پي آءِ اي جي ذريعي اليپو ايئرپورٽ (دمشق کان اٽڪل 150 ڪلوميٽر پري) کان پاڪستان وڃڻ جي لاءِ تيار آهن. پاڪست??ني سفارتخ??ني دمشق کان اليپو تائين مسافرن جي اچ وڃ جو بندوب??ت ڪيو آهي جڏهن ته باقي 140 زائرين پاڻ عراق ويندا.