اسلام آباد – 04 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جنگلوٽ اسڪردو روڊ (جي ايس آر) جي بندش جو نوٽيس وٺندي رستو فوري کولڻ ۽ ملڪي ۽ غيرملڪي سياحن جي سارسنڀال ۽ ضرورت جي شين جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي لاءِ فوري انتظامن جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم ميڊيا ??فيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جابلو ڇپون ڪرڻ س??ن تو??مڪ وٽ بند رستو فوري کولڻ ۽ فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن (ايف ڊبليو او) کي هنگامي قدمن جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته اضافي مشينري ۽ افرادي قوت استعمال ڪئي وڃي، رستو جلد کوليو وڃي، ملڪي ۽ غيرملڪي سياحن جي سارسنڀال ۽ ضرورت جي شين جي فراهمي يقيني بڻائآڻ جي لاءِ فوري انتظام ڪيا وڃن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سياحن جي اچڻ س??ن گلگت ب??تستان ۾ ضرورت جي شين جي استعمال ۾ اضافو ٿي وڃي ٿو تنهن ڪري شين جي کوٽ نه ٿيڻ ڏني وڃي. وزيراعظم علائقي جي ڪاروباري شخصيتن، آبادي ۽ سياحن کي درپيش مشڪلاتون فوري ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته عيدالاضحيٰ جي ڪري ماڻهن کي پنهنجي گهرن ڏانهن واپس به وڃڻو آهي، ان لاءِ ڪم جي رفتار تيز ڪئي وڃي. شديد برساتن ۽ جابلو ڇپون ڪرڻ س??ن گذريل ٻن هفتن دوران 6 ڏينهن رستو بند هو. جنگلوٽ اسڪردو روڊ گلگت ب??تستان کي تيل ۽ کاڌي پيتي جي شين جي فراهمي ۽ اچ وڃ جو واحد زميني رستو آهي. مختلف ملڪن سان تعلق رکندڙ سياح مختلف اڏامن ذريعي گلگت ب??تستان اچي رهيا ??هن. گلگت ب??تستان جي هوٽلز ۽ سياحت جي شعبي سان واڳيل ماڻهن وزيراعظم کان رستي جي ڊگهي بندش جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو هو.