اسلام آباد -06 سيپٽمبر (اي پي پي) 6 سيپٽمبر 1965ع جرئت ۽ بهادريءَ جا داستان رقم ڪر?? جو ڏينهن آهي، پاڪستان جي شيردل فوج تمام وڏي دشمن ڀارت کي رُڪ جا چڻا چٻرايا، ڀارت کي هر محاذ تي منهن ڀر ڪر??و پيو. 6 سيپٽمبر 1965ع تي ڀارت صبح 4 وڳي لاهور تي حملو ڪيو، پاڪ فوج لاهور جسٽر طرفان سيالڪوٽ ۽ فيروز پور طرفان قصور تي ڪيل ڀارتي حملو ناڪام بڻايو، واهگه ۽ بيد??ان جي ٻنهي مهاذن تي پاڪ فوج وڏي جاني نقصان پهچائيندي ڀارتي حملو ناڪام بڻايو، وڏي انگ ۾ ڀارتي فوج جنگي قيدي بڻايا ويا. لاهور جي محاذ تي ڪيترين ئي ڀارتي ٽينڪن، بندوقن ۽ ٻئي ج??گي سازو سامان کي تباهه ڪيو ويو. جسٽر واري جاءِ تي تمام وڏي ج??گ وڙهي وئي، جنهن ۾ ڀارتي ف??جي?? کي ڊوڙائي ڪڍيو ويو ۽ راوي درياهه جو اهو ڏاکڻيون علائقو آزاد ڪرايو ويو جنهن تي ڀارتي فوج صبح جو قبضو ڪيو هو. ڇمڀ جي محاذ تي وڏو نقصان کائڻ ۽ ڪيترن ئي ميلن جي علائقي ۾ دشمن جا هٿيار وکريا پيا هئا، 35 ڀارتي ف??جي?? کي ج??گي قيدي بڻايو ويو. ڪشميري مجاهدن سرينگر ويجهو 2 پلن ۽ هڪ رستي کي تباهه يو. راجوڙي ۽ پونچ لائن کي به سخت نقصان پهچايو ويو. صبح جو ساڍي 6 وڳي لاهور تي حملي ج?? خبر ملندي ئي فوج کي پنهنجي مقرره هدف تي قبضي ڪر?? جو حڪم ڏنو ويو. پاڪ فضائيه پٺاڻ ڪوٽ هوائي اڏي تي ڪامياب حملو ڪيو، پاڪ فضائيه ڀارت جا 22 جهاز تباهه ڪيا، جن ۾ سي 119، ميسٽريس، 21 ساخت جا جهاز شامل هئا. هڪ ميسٽريس جهاز کي راهوالي وٽ ميزائيل وسيلي ڪيرايو ويو. فيلڊ مارشل محمد ايوب خان چيو هو ته اسان جنگ جي حالت ۾ آهيون، اسان جا بهادر سپاهي دشمن جا حملا ناڪام ڪر?? لاءِ اڳ??ان نڪري چڪا آهن، اسان جي هٿياربند فوج جرئت ۽ بهادري ثابت ڪري ڏيکاريندي. اسان جي بهادر فوج جو جذبو ناقابل تسخير آهي ۽ اسان جو عزم ڪڏهن به ڪمزور نه ٿيو. هو دشمن سان لوهن هٿن سان وڙهندا.