اسلام آباد – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي چيو آهي ته ش??يد قوم جو اثاثو آهن، وطن جي لاءِ انهن جي خدمتن ۽ قربانين تي انهن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان م??جب اهڙن خيالن جو اظهار هن 19 سيپٽمبر تي اتر وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي نذر محمد جي ڀاءُ سان ٽيليفون تي ڳ??لهائيندي ڪيو. صدر شهيد جي ڀاءُ سان تعزيت جو اظهار ۽ خاندان سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو. ڊاڪٽر عارف ??لوي شهيد جي بلند جي درجن ۽ گه??وارن جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا به ڪئي. صدر چيو ته ملڪ جي حفاظت جي لاءِ جان جي قرباني پيش ڪندڙ شهيدن کي سلام پيش ڪريون ٿا.