اسلام آباد– 09 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم ??ور??گزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جو مصر جو دورو انتهائي ڪامياب رهيو، موسمياتي تبديلين جي ??باهي آڻيندڙ اثرن جي ??والي سان ڪوپ – 27 ڪانفرنس پاڪستان جي لاءِ وڏي نتيجاخيز رهي، پهريون ڀيرو موسمياتي تبديلي جي ڪري نقصانن ۽ تباهي کي اسرندڙ ملڪن جي مالياتي دٻاءُ ۾ اضافي جو سبب تسليم ڪيو ويو، پهريون ڀيرو اسرندڙ ملڪن جي نقصانن جي ??زالي لاءِ مالي وسيلن جي فراهمي تي عالمي اتفاق راءِ ٿيو آهي، هڪ طرف عوامي خدمت جاري آهي ۽ ٻئي طرف هڪ شخص انتشار، فساد، جلاءُ گهيراءُ ۽ فتني ۾ مصروف آهي. پنهنجي ??يان ۾ هن چيو ته هڪ طرف اهو شخص آهي جيڪو جڏهن کان اقتدار ۾ آيو، ملڪ ۽ عوام جي خدمت ۾ مصروف آهي ۽ ٻئي طرف اهو ڪردار آهي جيڪو جڏهن کان سياست ۾ آيو، تباهي، بربادي، انتشار ۽ خلفشار ۾ مصروف آهي. هن چيو ته هڪ شخص ٻوڏ متاثرين کي سرديءَ، بيما??ين?? بک ۽ بيماري کان بچائڻ جي ??دوجهد ڪري رهيو آهي ۽ ٻئي طرف اهو فسادي فتنو آهي جيڪو رستا بند ڪري بيمار ٻارن ۽ ايمبولينسز کي اسپتال پهچڻ ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي. مريم ??ور??گزيب چيو ته هڪ شخص پاڪستان جي معيشت کي تباهي جي ڪناري تان واپس آندو ۽ معاشي بنيادن کي مضبوط ڪري رهيو آهي جڏهن ته ٻئي طرف ڌرڻن، باهه لڳايو، ماريو، مري وڃو، جلاءُ گهيراءُ جو ماسٽر مائنڊ آهي جيڪو اقتدار جي هوس ۾ هر اداري، سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن تي حملي آور آهي. هن چيو ته هڪ شخص سفارتي لاڳاپن، دوست ملڪن سان تعاون جي ??جديد ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان جي ??المي وقار کي بحال ڪري رهيو آهي جڏهن ته ٻئي طرف سازشي بيانيو ٺاهيندڙ مڪار، فريبي ۽ جعلساز آهي جنهن اقتدار جي لاءِ قومي مفادن کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو.