اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان حڪومت ارشد شريف جي لاش جي ج??د وطن وا??سي جي لاءِ ڪينيا جي عملدارن سان ڪ??ترين ئي سطحن تي سرگرم عمل آهي، وزيراعظم شهباز شريف ڪينيا جي صدر وليم روٽو سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ضابطي جي ڪاررواين کي جلد مڪمل ڪرڻ ۽ لاش جي وطن وا??سي جي درخواست ڪئي آهي. ڪينيا جي صدر ان افسوسناڪ وا??عي تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو ۽ مڪمل جاچ ۽ ميت جي جلد کان ج??د وطن وا??سي جي خاطري ڪرائي. ترجمان موجب پرڏيهي وزارت ۽ نيروبي ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن ان عمل کي آسان بڻائڻ ۽ تيز ڪرڻ جي لاءِ مسلسل رابطي ۾ آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان باضابطا طور تي ڪينيا جي حڪومت کي وا??عي جي جاچ ڪرائڻ جي درخواست پڻ ڪئي آهي. وقتي پرڏيهي سيڪريٽري رضا بشير تارڙ پڻ اسلام آباد ۾ ڪينيا جي هاءِ ڪمشنر سان ملاقات ڪئي آهي ته جيئن معاملي جي اهميت ۽ ميت جي فوري وطن وا??سي تي زور ڏئي سگهجي. ٻئي طرف وقتي پرڏيهي سيڪريٽري قومي اسيمبلي جي پرڏيهي معاملن بابت ڪميٽي جي معزز ميمبرن کي ان بابت اڳڀرائي کان ??گا??ه ڪيو.