اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) وز??راعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اع??اڻ چيو آهي ته يرغمالي مارچ جا اڳ??اڻ بستر تي آرام ڪري رهيا آهن ۽ سياست جي ور چاڙهڻ جي لاءِ آندل ويچارا ڪارڪن کليل آسمان هيٺ سخت سرديءَ ۾ سڙي رهيا آهن، مولانا فضل الرحمان جو پهرين ڏينهن کان ئي ڪو جمهوري ۽ آئيني مطالبو نه هو جنهن کي حڪومت سنجيده انداز ۾ بحث هيٺ آڻي ان تي واضح حڪمت عملي طئي ڪري، مولانا فضل الرحمان سان حڪومتي ڳالهين واري ٽيم جيترا ڀيرا ملي آهي ان ۾ هر ڀيري نئين ڳالهه ڪئي وئي. صحافين سان ڳالهائيندي وز??راعظم جي خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اع??اڻ چيو ته پاڪ رت سان ڪشمير جو جيڪو داستان لکيو ويو انهي کي خراج عقيدت پيش ڪ??ڻ جي لاءِ اسان سڀ هتي گڏ ٿيا آهيون.