اسلام آباد – 04 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان امن جو خواهشمند آهي ڇو ته اسان امن جي قدر ۽ قيمت ڄاڻون ٿا، پاڪستان گذريل سال ڀارتي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي باوجود ڀارتي پائليٽ کي آزا?? ڪري ڇڏيو هو ڇو ته اسان امن چاهيون ٿا، وزيراعظم عمران خان ڀارت کي امن جي آڇ ڪندي واضح طور تي چيو هو ته ڀارت جيڪڏهن هڪ قدم اڳتي وڌندو ته پاڪستان 5 قدم اڳتي وڌندو، جنگين جي ت??ريخ مان اسان کي ت??اهي، ڦرلٽ ۽ ٻين جي استحصال کانسواءِ ڪجهه نه ٿو ملي، جنگين سان امن حاصل ڪرڻ ممڪن ناهي هوندو ۽ نه ئي ان سان قومن جي نئين س?? تعمير ممڪن ٿئي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي اسٽريٽجڪ خطرن ۽ ردعمل تي عالمي ڪانفرنس کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو.