اسلام آباد – پهرين جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ قومي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ ??ور??نا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ فيصلو ڪيو ته ??ور??نا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ ايس او پيز تي سختي سان عملدرآمد کي يقيني بڻائيندي زندگي جي ڪاروهنوار ۽ ڪاروبار جي وچ ۾ توازن کي برقرار رکڻ جي پاليسي تي عملدرآمد ج??ري رهندو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران ج??ري بيان موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اهڙن ڪاروب??ري شعبن جي منفي لسٽ ج??ري ڪئي ويندي جيڪي ??ور??نا وائرس جي وڌيڪ ڦهلاءُ کي روڪڻ جي سلسلي ۾ بند رهندا جڏهن ته ڪاروب??ري ۽ واپ??ري سرگرمين جي هڪ اهڙي فهرست جنهن تي وفاقي حڪومت ۽ صوبن جو اتفاق راءِ ٿيندو، اها صنعتي شعبي کي ج??ري ڪئي ويندي جنهن تحت انهن کي پنهنجون سرگرميون ٻيهر ج??ري رکڻ جي اجازت هوندي. زندگي جي ڪاروهنوار ۽ ??ور??نا وائرس جي ڦهلاءُ جي حوالي سان غيريقيني جي ڪري قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ ان ڳالهه کي ورجايو ويو ته اسان کي ??ور??نا وائرس سان گڏ رهڻو پوندو جڏهن ته وائرس جو ڦهلاءُ روڪڻ جي لاءِ ايس او پيز تي عملدرآمد ڪيو ويندو.