اسلام آب??د ?? 19 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي احتساب بابت خاص مددگار شهزاد اڪبر چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جو تمام اهم فيصلو آيو آهي، حڪومت ان فيصلي مان مطئمن آهي. اهو بهتر فيصلو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زير سينيٽر شبلي فر??ز سان گڏ نيوز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زير سينيٽر شبلي فر??ز چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ حڪومتي موقف بابت آگاهه ڪري رهيا آهيون، احتساب واري خاص مددگار شهزاد اڪبر چيو ته سپريم ڪورٽ جو تمام اهم فيصلو آيو آهي، آرٽيڪل 9 تحت ٽن طريقن سان ڪنهن جج بابت سوال اٿاري سگهجي ٿو، پهريون طريقو ڪو به شخص سپريم جڊي??ل ڪائونسل کي معلومات ڏئي سگهي ٿو. ٻيو طريقو حڪومت پاران صدر ريفرنس موڪلي سگهي ٿو. ٽيون طريقو سپريم جڊي??ل ڪائونسل پاڻمرادو نوٽيس وٺي سگهي ٿي.