اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسا?? جي ڪوشش آهي ته مديني جي رياست جو تصور مان پوري طرح سان رهنمائي حاصل ڪري ملڪ کي هڪ فلاحي رياست جي شڪل ۾ آڻيُون، اهو هڪ مسلسل ۽ صبر طلب رستو آهي پر اسان قوم جي حيثيت ۾ ان سفر جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي انشاءُ الله منزل وڌيڪ پري ناهي ۽ تمام جلد ان جا مثبت اثر پوندا، آئون اڄ معلمِ انسانيت حضرت مح??د ﷺ خاتم النبيي?? جي يوم والادت جي موقعي تي وطن واسين کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو ۽ الله تعاليٰ کان دعا گهران ٿو ته اهو مهينو مبارڪ اسان سڀني جي لاءِ رحمت ثابت ٿئي، عيد ميلاد النبي 1442 هه 2020ع جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته سرور ڪائنات حضرت مح??د ﷺ خاتم النبيي?? جي حيثيت ان ڪائنات ۾ ان بي مثال آفتاب جي آهي جيڪو غار حرا مان اڀريو ۽ سڄي ڪائنات کي رحمت ۽ همدردي جي نور سان منور فرمايو، هن چيو ته خاتم النبيي?? جي بي مثل تعليمات رهندي دنيا تائي?? جي نظام ۽ انسان?? جي لاءِ مشعل راهه آهن، پاڻ صه خاتم النبيي?? جي سڄي زندگي جهد مسلسل، انسانيت جي رهنمائي ۽ دنيا ۽ آخري جي ڀلائي تي مشتمل عظيم نظام جي قيام سان لکيل آهي، پاڻ صه اڄ کان 14 سئو سال پهرين پنهنجي زندگي جي مختصر عرصي ۾ هڪ اهڙي مثالي فلاحي رياست قائم ڪري ڏيکاري جنه?? جي مثال اڄ تائين نٿو ملي.