اسلام آباد ??? پ??رين جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ??سم??لنگ جي ڪري معيشت کي برداشت نه ڪرڻ جوڳو نقصان پهچي رهيو آهي، ??سم??لنگ ۾ ملوث عنصرن جي خلاف سخت ترين قدم کنيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??سم??لنگ جي روڪٿام بابت قدمن تي اعليٰ سطح جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، وزيراعظم جو واپار بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزيراعظم جو خاص مددگار شهزاد اڪبر، وزيراعظم جو روينيو بابت خاص مددگار ڊاڪٽر وقار مسعود خان، ڪامرس، پيٽروليم، بحري معاملن ۽ گهرو ڊويزن جي سيڪريٽرين?? ايف بي آر جي چيئرم??ن ۽ اعليٰ سول ۽ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي.