اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان خودمختياري کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمي?? جي عوام جي ڀرپور ۽ مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪندي عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي چيو آهي ته هو والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ راءِ ش??اري ڪرائڻ جي حوالي سان پنهنجا واعدا پورا ڪري. خودمختياري واري حق جي ڏهاڙي جي موقعي تي وز??را??ظم پنهنجي پيغام چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جو سڌو سنئون ڌر هجڻ جي ناطي پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ آزاداڻي ۽ غير جانبداراڻي راءِ ش??اري ڪرائڻ لاءِ ز??ر ڏيندو رهندو، ڄمون ۽ ڪشمي?? جي عوام جي بنيادي انساني حقن کي برقرار رکڻ جي گڏيل قومن جي واعدي کي 72 سال پورا ٿيڻ جو ذڪر ڪندي هن چيو ته 5 جنوري 1949ع جي ڏينهن گڏيل قومن جي هندستان ۽ پاڪستان بابت ڪميشن (يو اين سي آءِ پي) واعدو ڪيو هو ته گڏيل قومن تحت آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي راءِ ش??اري جي ذريعي ڪشميرين کي خودمختياري وارو حق ڏنو ويندو.