اسلام آباد – 13 – جنوري (ا?? پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ترڪ پرڏيهي وزير ميولود چاوش اولو کي پاڪ ترڪ لاڳاپن جي استحڪام جي اعتراف ۾ ٻيو اعليٰ ترين سول ايوارڊ هلال پاڪستان عطا ڪيو، ايوارڊ ڏيڻ جي تقريب ??يوان صدر ۾ ٿي جنهن ۾ ترڪ پرڏيهي وزير سان گڏ آيل وفد کانسواءِ وفاقي وزيرن ۽ سول عملدارن شرڪت ڪئي.